“اونداهين دور ” ۾ دفن ٿي ويل “سياسي ووٽ”

ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي اصل حقيقت پوتيءَ جهڙي پنجابي گيت جي ڪنڊ ۾ ٻڌل انهن ٻولن جهڙي آهي ته “منهنجي من جو ماهي سمورا سک کڻي ويو ۽ پويان صرف ڏک ڇڏي ويو” جڏهن به اياز جي ڪنهن عاشق ناول نگار کي اهڙو خيال آيو ته هو سرڪش شاعر جي انهن سالن تي هڪ زبردست ناول ضرور لکندو جيڪي سال اياز ڄامشوري ۾ گذاريا. ڇو ته اهو دور صرف ملامتن جو نه هو. اهو دور محبتن جو به هو. ان دور ۾ هو پنهنجن دوستن سان فجر تائين رس رهاڻيون ڪندو هو. جڏهن هن جون شامون ڀرت ڀريل چولن وارين چنچل نارين سان گذرنديون هيون ۽ راتيون انهن يارن سان جن جو دم ئي مئڪدن ۾ آگ لڳائي ڇڏڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي. اياز جي شاعريءَ ۾ هن جي جيون جي شرميلي جهاتي ته پسي سگهجي ٿي پر صرف هڪ ناول ئي انهن جزيات کي ميڙي سهيڙي سگهي ٿو جن سان تصورن جي دنيا ۾ هڪ بلند منظر جوڙي سگهبو آهي. ان ناول ۾ صرف چري عورت جي چاهه جهڙين انهن هوائن جو تذڪرو نه هوندو جيڪي سموري ڄامشوري کي ائين لوڏينديون آهن جيئن ڪينجهر جون ڇوليون تماچيءَ جي ٻيڙيءَ کي جهولينديون هيون ۽ ننڊاکڙي نوري اکيون کولڻ بدران پاسو ورائي تماچيءَ جي پٺيءَ سان ڪنهن ول جيان ويڙهجي ويندي هئي. ان ناول ۾ صرف انهن پهاڙي ڏينهن جون ذڪر نه هوندو جيڪي هيري وانگر چمڪندا هئا پر لاڳيتي بارش جون راتيون ۽ پوئين پهر نيرڙي آسمان تي نڪتل چنڊ جيڪو هر حساس انسان کي مصور ٿيڻ تي مجبور ڪندو هو. لڱن کي ڪنهن ڪارائيءَ جيئن ڪٽيندڙ سياري جون سرد هوائون ۽ اندر ۾ ٻرندڙ برهه جي باهه ۽ هٿ ۾ جهليل ڇلڪندڙ اکين جهڙو جام!

۽ انهن سمورين سمرتين کان گهڻو وڌيڪ انهن دوستن جون رهاڻيون جن ۾ عقل ۽ عشق جا عميق گڏجي وهندا هئا، اهڙي ڪچهرين جي دوران ئي اردو ٻولي ڳالهائيندڙ عورت جي عظيم پٽ جي ايم مهڪريءَ شيخ اياز کي چيو هو ته “شاعر تاريخ ۾ ٽي دور ٿي گذريا آهن. هڪ قبل مسيح. ٻيو بعد از مسيح ۽ ٽيون تارا مسيح!”

اسان بينظير ڀٽو جي شهادت کان اڳ تاريخ جي ٽين دور جا باشندا هئاسين. هن جي قتل اسان کي تاريخ جي ٽين دور ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. اها بينظير ڀٽو جنهن کي اياز “ايشيا جي روشني” ڪوٺيندو هو. جيڪڏهن هوءَ ايشيا جي روشني نه به هئي تڏهن به هن ڌرتيءَ جا ماڻهو هن کي پنهنجي دل جي جهوپڙيءَ ۾ ٻرندڙ اميد جي ڏيئي جي صورت ضرور ڏسندا هئا، جنهن کان پوءِ هو سياست جي سياهه دور جا رهواسي ٿي رهن ٿا. اها بينظير جنهن جي لاءِ اياز لکيو هو ته “هن کان پوءِ اسان طوفان نوح جو شڪار ٿينداسين. اسان جن وٽ نه ته نوح جي ٻيڙي آهي ۽ نه جن وٽ ان پهاڙ جو پتو آهي، جنهن مٿان اها ٻيڙي ترسي هئي”

زندگي ته گذرڻ واري شيءَ آهي. اها ته هر حال ۾ گذري ويندي. پوءِ ڀلي آتم هتيا واري هڪ ڌڪ سان ڌو پار پئي يا آهستي آهستي ڪجهه ترندي ڪجهه لڙهندي قبر ڪنڌيءَ تائين اچي. سو بينظير ڀٽو پڄاڻان به زندگي گذري ٿي پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ صديءَ تائين اهي منظر نه وساري سگهندي جيڪي منظر هن جي “اچڻ” ۽ هن جي “وڃڻ” جا هئا. اها درد ڪٿا هنگارين اديب آرٿر ڪوسلر جي ناول Arrival and Departure کان گهڻا گهرا گهاو ڏيڻ وارا هئا. سالن پڄاڻان يقيني ۽ بي يقينيءَ جي وچ ۾ هن جو سڄ ڌڄ سان اچڻ ۽ سج اڀار روپ ۾ هن جو آسمان جي پس منظر ۾ هٿ لهرائڻ ۽ پوءِ خودڪش ڌماڪن واري دور ۾ بيخوف انداز سان داخل ٿيڻ. جڏهن شاهراهه فيصل تي ڌماڪا ٿيا تڏهن هن جي ڪلهن تي ويٺل ڪبوتر ته اڏامي ويا پر هوءَ جنهن جي حياتي سياسي فاختا جي جيون ڪٿا هئي سا پر پکيڙي هتان کان نه وئي. جڏهن هوءَ وچ ۾ دبئي وئي هئي تڏهن ميڊيا ۾ اها پروپيگنڊا هئي هئي ته هاڻي هوءَ ڪڏهن به واپس نه ورندي پر اسان کي ان ڳالهه جو پتو پوءِ پيو ته اصل ۾ هوءَ وري موٽي نه وڃڻ لاءِ وئي هئي. هوءَ پنهنجن ٻچڙن جي پيشانين تي پوئين مٺي ڏيڻ وئي هئي. هن کي ان ڳالهه جو پورو ويساهه اچي ويو هو ته زندگيءَ جي اسٽيج تي هي هن جو آخري سين آهي.

ان ڳالهه ته سنڌ ۾ ڀٽن جا روايتي مخالف به مڃيندا آهن ته زندگيءَ جي اسٽيج ڀٽن جي آخري سين هيمشه ڀلو هوندو آهي. جڏهن جڏهن به ڪوئي ڀٽو ويو آهي، تڏهن سياسي ناٽڪ جو پردو هيٺ ڪريو آهي. انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته Heroes Die Young يعني سورمن جو موت جوانيءَ ۾ ٿيندو آهي. سو انهن جي هيرو هجڻ وارو موضوع تڪراري ٿي سگهي ٿو پر ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪري سگهندو ٿو هن وقت تائين ڀٽا اياز جي انهن ٻولن وانگر ٻلهار ٿيا آهن ته:

“اهڙا ئي ڄڻجانءِ

هي جي مڙهه مقام ۾

کهنبن ۾ کڻجانءِ”

پر هوءَ جا پاڻ کهنبو هئي. هوءَ جا اياز جي ان خواب جي حقيقت بڻجي آئي ته:

“ڪنهن وقت اچانڪ تون ايندينءَ

ڪا سج سونهري شال ڍڪي

تلوار هوا ۾ لوڏيندي

۽ لوئيءَ هيٺان ڍال ڍڪي”

تنهن جو اچڻ اميد جو اچڻ هو. هن جي آمد بهار جي آمد هئي. پر هوءَ پنهنجي پويان هڪ ڊگهي خزان ڇڏي هلي وئي. هوءَ جيڪا سنڌي سهرن ۾ ڳائي ويندڙ وڏي ولر واري ڪونج هئي. تنهن کي پنڊيءَ جي پاراتي جهڙي پاهيڙين پهه ڪري قتل ڪيو. هوءَ جيڪا پنڊيءَ جي پٽ تي رت ڳاڙيندي ائين نظر پئي آئي، جيئن يوناني ناول نگار ڪازانت زاڪس جا اهي لفظ ته “ڪونج ڌرتيءَ تي مئي پئي ۽ هن جا پر ڌرتيءَ تي ائين ڦهليل هئا ڄڻ ته هوءَ پنهنجي نامهربان ماءُ کي ڀاڪر پائي رهي هجي” پنڊيءَ جي ڌرتي هن ديس جي لاءِ نامهربان ماءُ بڻجي رهي آهي. اها نامهربان ماءُ هن ڌرتيءَ جي ڌيءَ کي انهن انسانن کان ڌار ڪرڻ جو سبب بڻي جن انسانن جي تريءَ تي صرف هڪ ئي ريکا هئي ۽ ان ريکا جو نالو هو بينظير ڀٽو! اها ريکا ان ريکا جهڙي هئي جهڙي ريکا آسمان تان سنڌو نديءَ جي صورت نظر ايندي آهي. جنهن وقت هوءَ وئي تنهن وقت سخت سرديون هيون. تنهن وقت سنڌو ندي سڪل هئي پر درياهه جي پيٽ ۾ موجود پاڻيءَ جي آخري ٻيٽن ڪناري ويٺل ڪنگ هن جي لاءِ يتيم ٻارن وانگر رڙيا. اسان کي ٻيو ڪجهه ته معلوم ناهي پر اسان ڪيئن ته وساري سگهون اهي گهنگهور گهڙيون جيڪي هن جي وڃڻ کان پوءِ پوري ديس ۾ درد جو دونهون بڻجي ڦهلجي ويون هيون. جڏهن سنڌ باهه جي درياهه مان گذري رهي هئي. هڪ باهه جيڪا هن ڌرتيءَ جي انسانن جي اندر ۾ هئي ۽ ٻي باهه جيڪا احتجاجي ٻار هر رستي ۽ هر راهه تي ٻاري ويٺا هئا. هن جي وڃڻ تي ضبط جو هر زنجير ٽٽي پيو هو. هن جي وڃڻ تي وحشت جو سمورا رسا ڇنائي نڪري آئي هئي. هوءَ هلي وئي ۽ هن جي وڃڻ سان اهو سَنڌو باقي نه بچيو جيڪو غم کي غصي کان ڌار ڪندو آهي. هوءَ جيڪا سياست جي جهان جو سج هئي. هن جو قتل روشنيءَ جو موت ثابت ٿيو. هن پڄاڻان اسان اونداهي دور ۾ داخل ٿياسين. ان ڪري هن جو موت تاريخ جي ان چوٿين دور جو آغاز بڻيو جنهن کي اڃان تائين ڪنهن جي ايم مهڪريءَ ڪوئي نالو نه ڏنو آهي. ڇو ته هن کان پوءِ هن ڀونءِ مٿان اهڙا انسان به ته نه رهيا آهن جيڪي “جي ايم” جو مطلب “گلاب موتيا” ڏسيندا هئا. جن ماڻهن سان ملي لطيف جي اها سٽ ساڀيان جي ڀرسان مسڪرائيندي نظر ايندي هئي ته:

“ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي”

هي دور تي شهرن تي راڄ ڪندڙ انهن ڪردارن جو دور ثابت ٿيو آهي جيڪي جڏهن گٽر جهڙا وات پٽين ٿا ته پوري شهر ۾ بدبوءِ ساهه ٻوساٽڻ لڳي ٿي. گندن نالن ۾ لڙهندڙ گجرا ان بدبوءِ کي پنهنجي معمولي خوشبو سان دٻائي نه ٿا سگهن.

بينظير کان پوءِ اسان بهارن کان الڳ ٿياسين. اسان کي معلوم هجڻ کپي ته خزائن جي بازارن ۾ بهارن جا گونچ خريد نه ڪري سگهبا آهن. اوجاڳي جون راتيون سپنا سرجي نه سگهنديون آهن. مايوس دليون محبتن جو انتظار نه ڪنديون آهن. جڏهن مقدر جا اکين جي آڏو ڇڻي ڪرن ته پوءِ نجوميءَ جو ڏس ڪير پڇا ڪندو؟ جڏهن عشق جي ڪشتي ٽٽي پوي ته پوءِ ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ ويٺل مسافر هڪ ٻئي سان اهو حساب نه ڪندا آهن ته ڪنهن ڪيتري بيوفائي ڪئي!!؟ بينظير ڀٽو کان پوءِ وارو دور عاشق جو اهو چولو آهي جنهن جي لاءِ مرزا غالب لکيو هو ته:

“چپڪ رها هي بدن پر لهو سي پيراهن

هماري جيب ڪو اب حاجت رفو ڪيا هي”

سو! بينظير ڀٽو جي حوالي سان لکيل هي ڪالم پڙهي جيڪڏهن ڪوئي ان مٿان غيرسياسي تحرير هجڻ جي تهمت هڻي ته هڻي سگهي ٿو. ڇو ته بينظير اسان لاءِ صرف سياست نه هئي. سياست ته ٻي کي استعمال ڪرڻ جو فن هوندو آهي. جڏهن ته بينظير ڀٽو جي حوالي سان هن ڌرتيءَ جي ماڻهن سدائين چٽڙي پڌر تي پنهنجي دل لٽائڻ کي ترجيح ڏني ۽ انهن بينظير ڀٽو جي حوالي سان هميشه ابتو سودو ڪيو. انهن کي پنهنجي جيت ۾ مات ۽ مات ۾ جيت نظر ايندي هئي. ڇو ته هن ڌرتيءَ جي ماڻهن جو بينظير ڀٽو سان جيڪو رشتو هو، اهو دماغ وارو نه هو. اهو دل وارو هو. اها دل جيڪا هاڻي خالي آکيري وانگر آهي. اهو خالي کيرو جنهن جو هر ڪک بينظير ڀٽو کي اهو چوڻ چاهي ٿو ته “تنهنجي وڇوڙي واري دور ۾ صرف ان ڦرلٽ جو تذڪرو ڪيو پيو وڃي جيڪو حالتن جو فائدو وٺڻ وارن چورن چڪارن ڪيو هو. پر لٽيل دلين جو نقصان ته ان ملڪ جي ڪنهن به دفتر ۾ داخل نه ٿيو آهي”

بينظير ڀٽو جو رت تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ثابت ٿيو. ان ٻوڏ ۾ گهڻو ڪجهه لڙهي ويو. اميدن جا گهرڙا ۽ سپنن جا سارا سامان اسان سيرن ۾ لڙهندي ڏٺا. بينظير جو موت ڏينهن کي به رات ڪري ويو ان ڪري ڦورن ان جو خوب فائدو ورتو. اها ڦر اڃان تائين نه صرف جاري آهي پر اڳ ۾ اها غيرقانوني هئي، هاڻي ان کي قانوني حيثيت حاصل آهي.

ٽي وي چينلن تي ويٺل ڪجهه چور ۽ ڪجهه چنچل اينڪر ته پنهنجي پر ۾ ڪهڙا به تجزيا ڪن پر هن ديس جي هر واهڻ ۾ موجود هر شخص اوهان کي ٻڌائيندو ته “بينظير ڀٽو جي خون بها ۾ مليل حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته سنڌ جو ووٽ وري به پيپلز پارٽيءَ جي ڪشڪول ۾ ڪرندو پر اهو ووٽ ڪنهن به طور تي سياسي ووٽ نه هوندو. اهو ووٽ ذاتي هوندو. ڪوئي وڏيرو ڪٿان کٽندو ۽ ڪوئي ڀوتار ڪٿان ڪامياب ٿيندو. مجموعي طور تي پيپلز پارٽي سوڀاري ٿيندي پر بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ اهو سياسي ووٽ به دفن ٿي ويو آهي، جيڪو ڪڏهن ٻٻرن جي وڻن تي جهومندڙ جهنڊن جي صورت نظر ايندو هو. هاڻي انهن ٻٻرن تي ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪن ٿا پر بشير قريشيءَ جي سازشي شهادت کان پوءِ قومپرست قيادت ٻاٻري واٽ تي هلڻ جي همت وڃائي ويٺي آهي.