هڪ اديب جو وڃائجي ويٺل شهر

مٿي دهشت جي ديو جا لامارا

۽ هيٺ تڙتڪڙ ۾

نه معلوم ڪهڙي طرف ويندڙ

اجنبي انسانن جا هجوم!

۽ ان پرائي پيهه ۾

پوين ساهن جي آڱر پڪڙي ڀٽڪندڙ

اهو پوڙهو

جنهن جا اڇا لوڻا

سندس انگريزي ٽوپ مان لڙڪي رهيا آهن!

۽ هو ميلي جي موٽ جهڙي منظر ۾

ڪنهن وڃائجي ويل ٻار وانگر

تلاش ڪري رهيو آهي

اهي گهر، گهٽيون ۽ روڊ رستا!

جيڪي هاڻي ڪٿي به ناهن!!

هن جي ڪراچي ڪيڏانهن وئي؟

هو پڇڻ ٿو چاهي

ڪياماڙيءَ جي ان ٽڪريءَ کان

جنهن کي بُکي خلق رڙڪي کائي وئي!

رتن تلاءَ جي ان اسڪول کان

جيڪو سڙي رک ٿي ويو!

فريئر هال تي ”غون غون“ واري ٻوليءَ ۾

”تون ئي تون“ جو ذڪر ڪندڙ

جهنگلي ڪبوترن کان

جيڪي ولر ڪري اڏامي ويا

۽ انهن مان ڪيترا ٽانڊن تي

پچي، پڄري، سڙي کامي ويا؟

هن کي ڪو پتو ڪونهي!!

هو پنهنجي شهر جو ڏس

ڪنهن کان پڇي؟

هاڻي ڪنهن باغ ۾

ڪو مجسمو ناهي!!

انصاف جي ديويءَ جي مورتي به

ڪهڙي ڪٻاڙيءَ وٽ آئي ۽ پوءِ

ڪهڙي سيٺ جي ڪوٺيءَ جو سينگار ٿي؟

هو نه ٿو ڄاڻي!!

هن کي معلوم ناهي ته

هن جي دل جي ڪُپڙيءَ ۾

اڃان ڪيترا رت ڪڻا ڪرڻا آهن؟

پر هو پنهنجي فليٽ جي گئلريءَ مان

دونهين جي درياهه ۾ ترندڙ هلين کي تڪيندي

ان شهر کي ياد ڪري رهيو آهي،

جيڪو هن جو ”ٽراءِ“ هو،

جنهن ۾ هن جي جواني

هڪ ”هيلن“ کي تلاش ڪندي هئي!

جنهن جا صاف سٿرا سمنڊ ڪنارا هئا

جنهن ۾ پيلن پٿرن واريون عمارتون هيون

جنهن ۾ سخي دل جهڙيون ڪشاديون سڙڪون هيون

جن تي صرف حسينن جون ٽهه ٽهه ڪندڙ ٽوليون نه
پر

پنهنجي پنهنجي ثقافتي ۽ مذهبي طرز واريون

پوشاڪون پائي

آهستي آهستي چهل قدمي ڪندڙ

هندو، مسلمان، عيسائي،

يهودي، بهائي ۽ زرتشت به ته هئا

جيڪي ٻين جي عبادت گاهن جو

پنهنجين عبادت گاهن جهڙو احترام ڪندا هئا!

وڪٽوريا ٽانگن ۾ ويٺل ٻارن جون لهرائجندڙ
ٻانهون

۽ پياڪن جي پيرن کي سنگتين جهڙو سهارو ڏيندڙ
راهون!

ولائتي پنن جي خوشبو وارا ڪتاب گهر!

ساڳ جي ڪاٺ مان ٺهيل در

۽ انهن جي مٿان پتل ۽ ٽامي جون جرڪندڙ
گيلريون

۽ انهن ۾ ٻرندڙ فانوس!!

ڏامر جا اهي لسا روڊ

جيڪي گل مهر جا وڻ وڍڻ کان سواءِ ٺاهيا ويندا
هئا!

۽ انهن وڻن جي ٽارين تي ويٺل ڪويلون!!

ڪافي هائوس ۾ انقلابن جا بحث،

ميدانن ۾ ڪرڪيٽ جي بال پويان ڊوڙندڙ نوجوان

سئنيما جي پوئين شو تان موٽندڙ ڇڊڙي خلق

۽ خماريل اکين ۾ لهندڙ چڙهندڙ

سامونڊي سفر جي خوابن جون ڇوليون!

۽ پاٽڙي ۾ پکين لاءِ راتوڪا چانور رکندڙ
ايراني عورت

گجراتيءَ ۾ شايع ٿيل اخبار جو صفحو ورائيندڙ

اهو پوڙهو ڪانگريسي

جيڪو وقت جي طوفان ۾ سڪل پن وانگر اڏامي
ويو!!

اکين تي لڙڪي آيل سفيد وارن کي هٽائيندي

هو سوچي ٿو:

”ٿياسافيڪل هال ته بچي ويو

پر اهو انگريز دانشور ڪٿي بچيو هوندو!

جيڪو انسانيت کي هڪ ڌرم جو درجو ڏيندي

چئي رهيو هو ته ”سچ سڀ کان مٿي آهي“

۽ پوءِ هو پڙهڻ لڳو هو

پيٽرڪ بيرنگٽن جو اهو نظم

جنهن ۾ هن لکيو هو ته

”منهنجو پرين

ٿيوسافسٽ آهي

هن جا چپ چشڪي جا هيراڪ ناهن

۽ هن ۾ ٺاهه ٺوهه جي عادت ناهي

۽ هو ڏسندو آهي، اڻ ڏٺل

۽ هلندو آهي

انهن رستن تي

جيڪي منزلن کان بلند هوندا آهن!“

هن کي ماضي ياد ٿو اچي

خوشيءَ جي اهڙي پل وانگر

جنهن کي ياد ڪندي

دل روئڻ لاءِ چوي!

هي اهو شهر هو

جنهن جي چيڪي مٽيءَ مان

هن هڪ ڪنڀار وانگر

آرٽ جي چڪ تي

ڪيترائي ڪردار جوڙيا

۽ پلاٽ جي آويءَ ۾ انهن کي پچايو

۽ پختو ڪيو!

هو جيڪو پنهنجي دنيا جو

هڪ عجيب ۽ غريب ڪوزه گر هو!

اڄ هن کان پنهنجي غمگين ڪوزن

پنهنجن بي وطن ڪردارن

جون اکيون ڏٺيون نه ٿيون ٿين!

هو جيڪو سرڪاري نوڪريءَ سبب

اسلام آباد ۾ هڪ ڊگهو بنواس ڪاٽي آيو!

هو جيڪو اتي به پنهنجي جهرندڙ وجود کي

ٽيڪسيلا جي ميوزم ۾ رکيل

مورتين جو سهارو ڏيندو هو

۽ ڌيان گيان سان سوچيندو هو ته

”سڀ مايا آهي“

اڄ هن کي لڳي ٿو ته:

”ڪجهه به مايا ناهي!

هر شئي حقيقت آهي

صرف انسان نه

پر اهي ڪردار به

جيڪي روزانو

هن جي فليٽ جي هيٺان

قرضين وانگر بيهن ٿا

۽ هن جي اٿڻ جو انتظار ٿا ڪن!

جڏهن هو ننڊ هارڪو ٿئي ٿو

تڏهن هن کان پڇن ٿا

”اسان جو شهر ڪٿي آهي؟

اسان جا اهي ماڳ ڪٿي آهن؟

جتي اسان محبت جي ماٺ واري ٻوليءَ ۾

هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا هئاسين!

اهو پارڪ ڪٿي آهي؟

جتي اسان تريل پٽاٽا ۽ پڪوڙا کائيندا هئاسين!

اسان کي اها دري ڳولهي ڏي

جتان اسان کي عشق جو درشن مليو هو!

اسان جي اها لوهي ريلنگ ڪيڏانهن وئي؟

جنهن جي سهاري اسان ٽيڪ ڏئي

انتظار جا پل ڳڻيندا هئاسين!!

هو ڏک مان ڏسي ٿو ته

”ڪجهه به ساڳيو نه رهيو آهي

هر شئي تبديل ٿي وئي آهي!“

هن جي افسانن جي حسين هيروئن

جنهن جو نالو هن ”تمنا“ رکيو هو

سا هاڻي ريگل چونڪ تي پنندي آهي

۽ ”بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو“

رستن تان ڪاغذ ميڙي پيٽ گذارو ڪندو آهي

۽ ”چرٻٽ“ به ننڍو ناهي رهيو

هاڻي هو ڪنهن نرس تي عاشق ٿيڻ بدران

سول اسپتال آڏو چيني پکا وڪڻندو آهي!

هو سڀ وقت جي طوفان جو ڪک پن ٿي

ڪيڏانهن اڏري ويا!

۽ جڏهن انهن جو تخليقار واپس وريو

ته هو به هن جو پتو پڇائي هن وٽ پڳا!

۽ هن آڏو ٻارن وانگر روئڻ لڳا!

۽ هو هڪ اداس ۽ بيوس ديوتا وانگر

انهن جي اکين ۾

ڏسندو ۽ سوچيندو رهيو ته

”هو اديب ڇو ٿيو؟“

هو ليڊر ڇو نه ٿيو؟

لينڊمافيا جو لارڊ ڇو نه ٿيو؟

ڪڏهن رٽائر نه ٿيندڙ ڪامورو ڇو نه بڻيو؟

هو بزنس مين ۽ بينڪار به ٿي پئي سگهيو!

پوءِ هن کي ڪهڙي کٽيءَ کنيو؟

جو هن ايڏا ڪردار تخليق ڪيا…….!“

پوءِ هو ڏسي ٿو ان شهر طرف

جنهن جي آبادي هزارن مان لک

۽ لکن مان ڪروڙن تائين پهتي آهي!

جنهن ۾ ويڪرا بنگلا

۽ اونچا اپارٽمينٽ آهن!

جتي سياسي رشوتن وارن پلاٽن

جي ڏيتي ليتي اڄ به آهي!

پر هن جي ڪجهه ڪردارن کي

ٻن والن جيتري زمين نه ٿي ملي

جتي هو هميشه لاءِ سمهي رهن!

پر هو پنهنجن ڪردارن سان

ڪا اهڙي ڳالهه نه ٿو ڪري!

هو انهن جون شڪايتون

خاموشيءَ سان ٻڌي ٿو

۽ پوءِ هڪ موڪل واري ڏينهن جو

فائدو حاصل ڪندي،

هو ان شهر ۾ نڪري ٿو پوي

جنهن شهر مان

هن پنهنجا ڪردار چونڊيا هئا!

هن کي اهو ڏسي شاڪ ۾ آهي ته

اهو شهر رهيو ئي ناهي

جنهن مان هن ڪردار کنيا!

پوءِ اهو شهر ڪيڏانهن ويو؟

هو پنهنجن ڪردارن جي

وڃائجي ويل شهر کي تلاش ٿو ڪري!

هو جيڪو هاڻي پوڙهو ٿي چڪو آهي!

هو جيڪو هاڻي گهڻو هلي نه ٿو سگهي!

هو جيڪو ٿڪجي

پٿر جي ڏاڪڻ تي ويهي ٿو رهي!

۽ منرل واٽر جي بوتل مان هڪ ڍڪ ڀري

اجنبي شهر جي اجنبي خلق کي ڏسي ٿو

۽ هن کي لڳي ٿو ته

هي هڪ الڳ شهر آهي

اسٽريم آف ڪانشس نيس واري

وڙوڪڙ پلاٽ وارو،

سمجهه ۾ نه ايندڙ ناول جهڙو شهر!

هڪ ان شهر جي رنگ ۽ ڍنگ کي تڪي ٿو

۽ هن کي لڳي ٿو ته

هو به ڪو انسان ناهي

هڪ ڪردار آهي!

جيڪو هن الجهيل ناول ۾

فٽ ٿيڻ بدران ڦاسي پيو آهي!

۽ ڦٿڪي رهيو آهي

آهستي آهستي….!

ان پکيءَ وانگر

جنهن جو چوڻو پاڻي ختم ٿي وڃي

۽ جنهن جي اڌ کليل اکين کي

پورو آسمان

ڪڏهن نه کٽندڙ اڏار آڇي سگهي!!!