!….. اڄ پڻ گهرجين يار

ٺل شهر جي پورهيت ڌيءَ ثمينه ڀٽي ۽ لاڙڪاڻي
شهر جي مظلوم ماءُ حسنه ڀٽو جي لڄالٽ جون خبرون ساڳي اخبار جي بليڪ باڪس ۾ بند آهن
۽ مون کي ياد اچي رهيو آهي شهيد شاهنواز ڀٽو جو اهو پستول جيڪو هن کي پي ايل او جي
اڳواڻ ياسر عرفات انقلابي تحفي طور ڏنو هو. ڇو ته هيءَ ڳالهه ان افسوس جي ناهي،
جنهن تي لفظي مذمت ڪئي وڃي. هيءَ اها تلخ حقيقت آهي، جيڪا انسان جي اندر ۾ ڪاوڙ ۽
ڪروڌ جا ڪيئي واچوڙا اٿاري ٿي. جڏهن سنڌي نياڻين جي جوانين ۽ مائرن جي جهور جسمن کي
جنسي ڪتا ڀرپور وحشت سان ڀنڀوڙين ۽ انهن جون پوتيون پنهنجي رت ۾ ڳاڙهيون ٿي وڃن ته
پوءِ قانون فروش وردين کي انصاف جي اپيل ڪرڻ بدران انسان پنهنجي روح جي ريگستان ۾
ان وڃائجي ويل ديس جي ڳولا ڪري ٿو، جيڪو ڪڏهن اتهاس ۾ ڏاهر جو ڏيهه هو. اهڙين گهڙين
۾ ته  درياءَ خان جي ڌرتيءَ تي وڳهه ڪوٽ جا گهوڙا ”دودا…دودا…“ جي صدائن ڀريا
سڏ ڪندا ڊوڙڻ لڳن ٿا ۽ انهن جا سُنب هر اهو حساس انسان پنهنجي سيني ۾ محسوس ڪري ٿو،
جنهن کي اتهاس جو شعور آهي. جيڪو تاريخ ۾ ليئو پائي ڏسي ٿو، ان وڃائجي ويل ڏيهه کي
جنهن ۾ اهڙو ڏهڪاءُ اڳ ڪڏهن نه هو!

سنڌ جي اها ڌرتي جنهن جا ڦورو به نياڻين جي
مٿن تي هٿ رکي بنا واردات جي موٽي ويندا هئا، اڄ ان ڌرتيءَ تي اهو ڏينهن ناهي، جنهن
ڏينهن ڪنهن معصوم نياڻيءَ جي لڄالٽ جي خبر بي غيرتيءَ جو اشتهار بڻجي نه ٿي ڇپجي!

اهڙي صورت ۾ اسان ڪهڙن حڪمرانن جا پتا پڇون؟
اسان انهن ڪردارن کي ڇو سڏيون جيڪي ڪئمرائن سان گڏ هڪ فوٽو سيشن جو اهتمام ڪندي، هڪ
عدد بيان جاري ڪن ٿا! اسان جي ديس جون اهي نياڻيون جيڪي کُهنبن ۾ کڄڻ کپن، انهن تي
ايڌيءَ ۽ ڇيپا جي نالن جون ڇريل چادرون وڌيون وڃن ٿيون ۽ انساني حقن جا ميڊيائي
ڊراما ڪندڙ اهڙي واقعي کي هڪ ”موقعو“ سمجهي، اڏامي ٿا اچن. اهڙن المناڪ واقعن تي
”راجا گدهه“ جهڙن ڪردارن کي سڏڻ بدران، اسان انهن شهيدن جي مذارن تي واڪا ڇو نه
ڪيون، جيڪي پنهنجي ديس جي مٽيءَ مان ٻيهار اٿڻ جي جذبي وارا آهن. ڇو ته مئل ديس جي
ڀونءِ کي پيرن سان لتاڙي هلندڙ قانون جا حاڪم ته پنهنجن جيئرن جسمن جي مٽيءَ ۾
مدفون آهن. هو  ته اهي مڙدا آهن، جيڪي هلي سگهن ٿا. ڳالهائي سگهن ٿا. ڪوڙي ڪاوڙ
وارا ڏند به ڀڪوڙي سگهن ٿا. پر تاريخ جي تابوتن جا جنازا آهن. جن جون کاڏيون کڙڪن
ٿيون پر انهن جي وجود جي پڃرن ۾ اها دل نه ٿي ڌڙڪي، جيڪا پاڻ کي ئي ديس سمجهندي آهي
۽ ان ۾ هر انياءُ ڪنهن ايذاءَ وانگر محسوس ڪندي آهي. اهي دليون هن ڌرتيءَ ۾ دفن آهن.
اهي دليون جيڪي ڪڏهن به مري نه ٿيون سگهن. اهي دليون جيڪي ٻجن وانگر وري ڪنهن مٽيءَ
هاڻي ماءُ مان ڦٽي نڪرڻ لاءِ آتيون آهن.

هڪ اهڙي دل وارو اهو شهزادو به هو، جنهن کي
جدوجهد واري جلاوطنيءَ دوران پرديس ۾ زهر ڏئي ماريو ويو. هن ديس جي ڌيئرن جي وجودن
۾ وحشت جا ڏند وجهندڙ ڪتن جهڙن ڪردارن کي نه وسارڻ گهرجي ته انهن انسانن کي موت
ماري نه ٿو سگهي، جيڪي هڪ انقلابي امنگ سبب سپنو بڻجي ويا. اهو سپنو جنهن کي ساڀيان
کان ڏور ڏسي هر ڏينهن جو سج شام جو شرم ۾ ٻڏي ٿو وڃي ۽ جنهن لاءِ هر موسم جو چنڊ
ماتم ٿو ڪري.

شهيد شاهنواز ڀٽو به هن ديس جو اهو دودو ۽
درياءُ خان آهي، جنهن لاءِ تاريخ شهيدن جي ماءُ وانگر ڪارو لباس پائي ڪنهن گم نام
ڪوٽ جي برج مٿان واجهائيندي آهي. امر جليل اهڙي ڪنهن ماءُ جي اکين ۾ يقين جي جوت
ڏسي لکيو هو ته ”عاشق ۽ شهيد موٽي ايندا آهن“ هو موٽي ايندو. هو جنهن جي ورسيءَ جي
ٻئي ڏينهن هن جي شهر جي هڪ ماءُ پنهنجي لڄالٽ جي فرياد بڻجي ٿاڻي ٿي وئي. هو ڪيئن
نه موٽندو؟ هن جي ڳوٺ کان ٿورو پري هڪ پورهيت نياڻي ٽن ڏينهن تائين جنسي وحشت جي
پيرن هيٺان لتاڙبي رهي. هو موٽي ايندو. ڇو ته هن مقام طرف ويندڙ هر واٽ هڪ رڙ بڻيل
آهي. هو موٽي ايندو. ڇو ته هن کي هن ديس جي سمورن اديبن، شاعرن ۽ عظيم قلم ڪارن
وساري ڇڏيو آهي ۽ اهي انسان جن جي هٿن کي قلم هلائڻ جي ڪا مشق ڪونهي، اهي صرف
پنهنجو فرض پورو ڪرڻ جي لاءِ هن جي ورسيءَ تي لکن ٿا. انهن جا عام لفظ تاريخ ۾ خاص
معنيٰ سان سڃاتا ويندا.

اهڙيون مهلون جڏهن به ڪنهن ديس جي مٽيءَ تي
اينديون آهن ته پوءِ نااميدي اميد بڻجي ويندي آهي. جڏهن به اس ۾ ڌرتي ڌوڙ ٿي
اڏامندي آهي ته ريگستان جي واريءَ جا سارا ڪڻا ڪروڙين ۽ اربين اکيون ٿي، آسمان کي
تڪيندا آهن. هيءَ اهائي گهڙي آهي، جڏهن هي ديس پنهنجي وجود ۾ وڃائجي ويو آهي ۽ هو
وڃايل وجود ۾ ئي وڃائجي ويل شهادتن جا پار پڇي رهيو آهي.

ڌرتيءَ کي هڪ عورت جي روپ ۾ ڏسندڙ انقلابي
انسان عورت کي به ڌرتيءَ جي حيثيت ڏيندا آهن. ان ڪري اهو نه سمجهيو ته صرف ٺل جي
ثمينه ڀٽي ۽ لاڙڪاڻي جي حسنه ڀٽو جي لڄ لٽي وئي آهي پر اهو سمجهڻ گهرجي ته هن ديس
جي لڄ لٽي وئي آهي ۽ ديس جي لٽيل لڄ تي قانون فروش وردين کي دانهون نه ڏنيون
وينديون آهن. ان مهل صرف وطن جي باغيرت پٽن جي راهه نهاري ويندي آهي. ان ڪري اسان
جون اکيون بار بار شهيدن جي ان قبرستان طرف ٿيون کڄن جتي مدفون غيرت جي بيچيني هڪ
ڀونچال وانگر جنم وٺي رهي آهي.

”ڇا عاشق ۽ شهيد موٽي ايندا آهن؟“ اهو سوال
انهن سياستدانن کان نه پڇو جن جو پيشو ئي ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ جن جو ڪم ئي مڪر ڪرڻ هوندو
آهي. اهڙيون شاهديون صرف شاعرن کان وٺبيون آهن. ان ڪري ان سوال جو جواب اياز کان
پڇو. هو اوهان کي ٻڌائيندو ۽ صرف سنڌيءَ ۾ ئي نه هو پوري ملڪ کي سمجهه ۾ ايندڙ ٻولي
اردوءَ ۾ به اها حقيقت بيان ڪندي چوندو ته:

”قصه حاتم نهين

يه ايڪ سچي بات هي

گوشه بر آواز هو

سن ڪي مٽي بولتي هي

ڄام نندو! ڪب تلڪ سوتي رهو گي

نيند مين روتي رهو گي!!

آ ڪي هم سنگ لحد ڪو توڙدين؟

آ ڪي پهر جيني سي رشته جوڙدين“

تاريخ جو هي دور به ولين وارو آهي. هي دور
جنهن۾ صرف تاريڪي آهي، اهڙي دور ۾ ئي نٽشي جو ڪردار ڏينهن ڏٺي جي روشنيءَ ۾ لالٽين
کڻي سچ جي ڳولا ۾ نڪتو هو. جڏهن نياڻيون ۽ مائرون سرعام لٽيون وڃن ته پوءِ اهڙي
صورتحال کي ديس جي مٿان بي غيرتيءَ جي ڪاهه نه سمجهڻ کي پاڳل پڻو چئبو آهي.

مون کي يقين آهي ته ظلم ۽ بربريت جو ڪو اهڙو
ئي واقعو ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي ٿيو هو جو هن سراپا سڏ ٿي اهو بيت چيو هو ته:

”اڄ پڻ گهرجين يار، بڊاماڻي پنرا

ڪاڇي ٻنهي پار، ويرين واٽون لائيون“

۽ جڏهن هڪ سڏ ڪنهن شهيد جي سنگ لحد ۾ ٽڙڪاٽ
نه وڌا ته هن وري سڏ ڪيو ۽ اهو بيت چيو ته:

”اڄ پڻ گهرجين هت، بڊاماڻي پنرا

مٿان ڀڃي ڀت، ويرين واٽون لائيون“

جڏهن هن جو ٻيو سڏ به سانت ڳڙڪائي وئي ۽ ڪنهن
به مقام مان ”پهتو“ جو پڙاڏو نه اڀريو ته هن پنهنجي وجود کي واڪو بڻائيندي ٻيهار
ٻاڏايو ته:

”اڄ پڻ گهرجين تون، بڊاماڻي پنرا

مٿان اچي مون، ويرين واٽون لائيون“

جڏهن لاڙڪاڻي جي حسنه ڀٽو ۽ ٺل جي ثمينه
ڀٽيءَ کي ڪي جنسي ڪتا نهن جي ڏندن ۽ ڏندن جي نهن سان پٽي رهيا هئا ته ان وقت ستل
سنڌ جو آسمان انهن صدائن سان ڀرجي ويو هو. اهي صدائون ته:

”اڄ پڻ گهرجين يار، بڊاماڻي پنرا“

۽ هو سڀ پنرا پٽ جيڪي هن ڌرتيءَ جي غيرت جا
رکوال آهن. جن کي ڏسي ان ويساهه جي وجود کي آٿت ملندي هئي ته ”هي ديس سدائين رهڻو
آهي“ انهن کي تاريخ پنهنجن رستن تي اچڻ جي لاءِ پڪاريندي رهي.

هو جيڪي پنهنجي ديس جا لڄ پال هئا. جن قلندرن
کي به مايوس موٽڻ نه ڏنو. جن انهن کي به چيو ته:

”ڇو مرڪين منهن ڦيرائين ٿو

اي مروندي موڏانهن ڏسي

ڇا تون به ائين ئي ڀائين ٿو

هڪ پوئين ويڙهه به اچڻي آ

مون کي وڙهندي مرڻو آ

پر منهنجي ڌرتي بچڻي آ“

اڄ ٺل جي ثمينه ۽ لاڙڪاڻي جي حسنه فريادون ٿي
ثابت ڪري رهيو آهن ته هي ڌرتي نه بچي آهي. ان ڪري انقلابين کي اچڻو پوندو. اهي
انقلابي جيڪي پنهنجين ارڏين گچين ۾ ڳانا پائي ڳائيندا آهن ته:

”مان سمجهي ويو آهيان

او سيوهڻ جا سائين

ڇالاءِ اماڻيو تو

هي پٽ وٽيو ڳانو

هي ڪنڌ اڏيءَ ڏيئي

تون سنڌ بچائيندي!؟

تون مهل ٻڌائي ڇڏ

مان پيش ڪيان نذرانو“

ثمينه ۽ حسنه جون تصويرون سنڌ جا سڏ آهن.
ڪنهن کي؟ انهن کي جن ۾ ديس بچائڻ جو حوصلو آهي. جيڪي سمجهندا آهن ته ديس هڪ ڌيءُ ۽
هڪ ماءُ هوندو آهي. اهو ديس لٽجي رهيو آهي، پنهنجي لڄ سميت!

ڇا اسان جون اکيون اڄ به نه نهارين ان پستول
طرف جيڪو فلسطين جي اڳواڻ ياسر عرفات شهيد شاهنواز ڀُٽي کي انقلابي امانت جهڙي تحفي
جي طور تي ڏنو هو.

ڇا اسان جا ڪن اڄ به نه واجهائين ان صدا لاءِ
ته:

”اڄ پڻ گهرجين يار، بڊاماڻي پنرا….!“

سنڌ جي پنرن پٽن کي اچڻو پوندو.

ڇو ته هيءَ ڌرتي هڪ ماءُ ۽ هڪ ڌيءَ جي صورت
سراپا سڏ ٿي وئي آهي.

ان کي امداد نه پر لٽيل لڄ جو انتقام گهرجي!!

۽ جنسي ڪتن جو اهڙو انجام گهرجي جو وري جنهن
وحشت جي اک هن ديس جي نياڻين طرف نه کڄي!!